عظيم شاعر استاد بخاري

عظيم شاعر استاد بخاري

عظيم شاعر استاد بخاري

عظيم شاعر استاد بخاري (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هندستان جي سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري اديب هولارام هنس جو استاد بخاريءَ جي فن ۽ شخصيت بابت مقالن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ليکڪ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ڪل 31 مضمون شامل آهن. جن ۾ ليکڪ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن، رومانوي، مزاحمتي شاعريءَ تي روشني وڌي آهي. ان کان سواءِ استاد بخاريءَ کان اڳ جي شاعرن ۾ سندس همعصر شاعرن جو شاعريءَ سان تقابلي جائزو پڻ پيش ڪيو ويو آهي. 176 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي بيسٽ سنڌي سڀا بمبئي، 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو